چنڊ واري فيصلي تي سڄي رات روئندو رهيس، مسلمان هڪ روزو قضا رکن: مفتي منيب الرحمان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فيصلي تي سڄي رات روئندو رهيس.

مفتي منيب الرحمان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي تي اعتراض واريندي چيو ته حڪومت کي من پسند ۽ هٿ ٺوڪي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي گهربل هئي، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي مسجد قاسم خان جي مفتي شهاب الدين جو انتظار ڪري رهي هئي، جيئن ئي هن چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪيو ته هِنن به ڪري ڇڏيو، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فيصلي تي آئون سڄي رات روئندو رهيس.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ميٽنگ ۾ڪنهن وزير جي جرئت نه هئي جو هو ويهي، آئون وصيت ٿو ڪيان ته مسلمان امت هڪ روزو قضا رکي، متعڪف به روزي جي حالت ۾ هڪ ڏينهنجو اعتڪاف ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.