پاڪستان ۾ ڪورونا وبا دوران ٻي عيد الفطر مذهبي جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا دوراب ٻين عيد الفطر سخت بندشن تحت مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ مسجدن، عيد گاهن، ۽ راندين جي ميدانن ۾ عيد نماز جا ننڍا وڏا اجمتاع ٿيا.

عيد نماز جي اجتماعن ۾ پاڪستان جي ترقي، سلامتي، خوشحالي ۽ مسلمان امت جي اتحاد جون خاص دعائون گهريون ويون.

ڪراچي ۾ عيد نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع پولو گرائونڊ (باغ جناح) ۾ ٿيو.

ان موقعي تي پولو گرائونڊ ۾ سيڪيورٽي جا به سخت بندوبست ڪيا ويا، ڪراچي جي مختلف علائقين جي ميدانن ۽ مسجدن ۾ عيد نماز جا وڏا اجتماع ٿيا، شهر جي مشهور گرومندر سبيل واري مسجد عيد نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

لاهور:

لاهور جي باغ جناح ۾ عيد جو پهريون وڏو اجتماع بادشاهي مسجد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته شهر جي ٻين جاين تي به مختلف ننڍا وڏا اجتماع ٿيا.

صدر عارف علوي ۽ گورنر عمران اسماعيل:

ميڊيا جي رپورٽن موجب ملڪ جي صدر عارف علوي عيد جي نماز سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ گورنر هائوس سنڌ ۾ ادا ڪئي.

آرمي چيف:

چيف آف آرمي اسٽاف قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول تي فوجي جوانن سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي.

ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان ۽ چوڌري ڀائر:

هوڏانهن خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان گورنر هائوس پشاور ۾ نماز پڙهي جڏهن ته چوڌري ڀائرن عيد نماز گجرات ۾ ادا ڪئي.

شهباز شريف:

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ اڳواڻ حمزه شهباز شريف عيد جي نماز ماڊل ٽائون ۾ ادا ڪئي.

سراج الحق ۽ مفتي تقي:

هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق منصوره ۾ عيد نماز پڙهائي، ڪراچي ۾ مفتي تقي عثمان ناظم آباد عيد گاهه ۾ عيد جي نماز جي امامت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري:

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون دير ۾ سماجي فاصلي کي برقرار رکندي ڪورونا وائرس جي حفاظتي تدبيرن سان عيد جي نماز ادا ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا وائرس جي وڌندڙ لهر جي تباهين کان ملڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ خاص دعائون گهريون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.