ڪشمير ۽ فلسطين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ عيد سادگي سان ملهائي وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا  وبا جي پکڙجڻ تي ٻيهر ضابطو آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم امت کي عيد جون واڌايون ڏيندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اڄ جي عيد 2 اهم سببن تحت مختلف آهي جنهن کي اسان کي پنهنجي وارثڻ سميت خاموشي سان گذارڻ گهرجي.

 وزير اعظم چيو ته پهريون سبب اِهو آهي ته اسان پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ تي ٻيهر ضابطو آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ انتهائي اِهو انتهائي ضروري آهي ته اسان احتياطي تدبيرن (ايس او پيز) تي سختي سان عمل ڪيون.

عمران خان چيو ته گهر ۾ خاموشي سان عيد گذارڻ جو ٻيون اهم سبب اِهو آهي ته اسان ڪشمير ۽ فلسطين سان ٻڌي جو اظهار ڪيون، ڪشميرين ۽ فلسطينين تي ظلم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.