اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

سنڌ پنهنجي تاريخ ۾  اڳوڻي آمر جنرل ضيا جي دور ۾  جيڪو ڌاڙيل راڄ ڏٺو هو اهڙو اڳ نه ڏٺو هو، جنرل ضيا جي آمريتي دور جو ڪارنامو آهي جو ان دور ۾ هڪ سازش تحت سنڌي سماج کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ، سنڌي سماج جي مجموعي ترقي ۽ اوسر کي روڪڻ ۽ سنڌي عوام کي ان جي سياسي شعور جي سزا ڏيڻ لاءِ هٿ وٺي ڌاڙيل راڄ پيدا ڪيو ويو، سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته آمر جنرل ضيا جي دور ۾ جيڪو تباهيءَ جو دور شروع ٿيو هو اهو اڄ تائين جاري آهي، جنهن جي سرپرستي ڪنهن نه ڪنهن طور تي عوام دشمن، سنڌ دشمن آمريتي قوتون، وڏيرا، جاگيردار، ڪرپٽ پوليس اهلڪار ۽ ڪرپٽ انتظاميا ڪري رهي آهي، جنهن جا ڪافي ڪارڻ آهن، انهن سمورن ڪارڻن ۾ سنڌ کي ترقيءَ جي هر عمل کان روڪڻ وارو ڪارڻ اهم ۽ بنيادي آهي.

هفتو اڳ ڏهرڪيءَ جي شاهه لطيف ڪالونيءَ جي رھواسين موهن لال ۽ تارا چند کي اغوا ڪيو ويو هو، جن جي اغوا جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مغوي موهن لال جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ڌاڙيل کيس تشدد جو نشانو بڻائي کيس اهو چئي رهيا آهين ته  هو پنهنجن وارثن کي چئي ته ڀنگ جي 50- لک روپين جي رقم پهچائين نه ته کيس تشدد ڪري ماريو ويندو، مغوي موهن لال جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، موهن لال جي ڌاڙيل پاران جاري ڪيل اهڙي وڊيون کان اڳ به ڪيترن ئي يرغمالين جون وڊيوز جاري ڪيون ويون آهن پر انهن سڀني ۾ موهن لال جي وڊيو  وڏي پئماني تي وائرل ٿي جنهن نه صرف عام ماڻهن جي توجهه حاصل ڪئي پر حد جي بااثر ماڻهن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن پڻ ان جو نوٽس ورتو ۽ ته ايتري قدر جو حد جي ايم پي اي ته سندس فوري بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو ۽ اهو به چيو ته اسان به پوليس سان گڏ ڪچي وينداسين.

خير سوشل ميڊيا تي موهن لال جي وائرل ٿيل اهڙي وڊيو جو اثر اهو نڪتو جو کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ انتظامي ۽ سماجي طور تي ترت ڪوششون شروع ٿي ويون ۽ هو رات وچ ۾  آزاد ٿي موٽي آيو، هو ،وٽي ته آيو پر اهو سوال پنهنجي جاءِ تي رهجي ويو ته جيڪي پوليس جا اٽالا آپريشن ڪرڻ ويا هيا، انهن ڇا ڪيو، ڪهڙو آپريشن ڪيو، پوليس جا ڪهڙا اهلڪار ڌڪيا ۽ شهيد ٿيا ۽ ڌاڙيلن واري ڌر مان ڪير ڪير ماريو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪابه معلومات نه ملي، بس ائين سمجهجي ته موهن لال معجزاڻي نموني آزاد ٿي گهر پهتو، بعد ۾ جڏهن موهن لال کان به ميڊيا سوال ڪيو ته توهان ڪيئن آزاد ٿيا آهيو ته سندس چوڻ هيو ته مون کي ڪابه خبر نه آهي.

اتر سنڌ ۾ ماڻهن جو اهڙي نموني اغوا، ۽ وري انهن جو آزاد ٿيڻ هڪ معمو بڻيل آهي، ڇو جو اهي ڪارروايون اڄ جون نه آهن، پر اهڙيون ڪارروايون جنرل ضيا جي دور کان جاري آهن، ان کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي يارنهن سالن ۾ ٿينديون رهيون ۽ حد ته اها آهي ته اهڙيون ڪارروايون پيپلز پارٽيءَ جي جمهوري دور ۾ پڻ ٿينديون رهيون آهن، جمهوري دور جي خاصيت وري اها آهي ته اهڙين ڪارروائين جو دائرو سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي ويندو آهي.

مٿي جيڪا به صورتحال بيان ڪئي وئي آهي ان صورتحال جو سڀ کان بدترين نشانو سنڌي عوام بڻجي ٿو، ان ۾ هندو برادري وڌيڪ متاثر آهي، اهڙي صورتحال کي ڇا، چئجي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اها ڪهڙي ماجرا آهي.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌي سماج سان ٿيندڙ اهڙي زيادتي هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، ڇو جو گذريل چئن ڏهاڪن کان ٿيندڙ اهڙين ڪاررواين سنڌي سماج کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، ڌاڙيل راڄ، قبائلي ويڙهه اهي ٻه اهڙا معاملا آهن جنهن ڪري سموري سنڌ خاص ڪري اتر سنڌ جي انهن علائقن جن سان ڪچو به لڳي ٿو انهن جو امن، تعليم، صحت، وڻج واپار، زراعت ۽ مجموعي سماجي ترقيءَ تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي.

هن موقعي ته اسين سمجهون ٿا ته اها ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي ته اتر سنڌ جي مخصوص علائقن ۾ جيڪو ڌاڙيل راڄ آهي ان کي ختم ڪرائي، پوليس کي پڻ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن موقعي تي اسان سنڌ جي عوام سميت اها گهر ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ پويان جيڪي قوتون آهن انهن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪا ساز ش آهي ان کي پڻ وائکو ڪرڻ گهرجي، ڇو جو جيستائين ان ڳالهه  جو تعين نه ٿيندو ته ڌاڙيل راڄ جاري رکڻ جو ذميوار ڪير آهي تيستائين ڪنهن به قسم جي نه ته ڪارروائي ٿي سگهندي ۽ نه ئي وري اهڙي برائيءَ کي ختم ڪري سگهبو.

اسين سمجهون ٿا ته معاشري ۾ امن ئي اهڙو گڻ ۽ صفت آهي جنهن جي هجڻ ڪري سماج مجموعي طور تي هر شعبي ۾ ترقي ڪري ٿو، وڌي ويجهي ٿو ۽ انسانن وچ ۾ پيار محبت جا رويا جنم وٺن ٿا ۽ معاشري ۾ هر پيداوري عمل ترقي ڪري ٿو، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻي مڪمل امن جي قيام کي يقيني بڻايو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.