خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري!!

تحرير: غفارميرجت

سنڌ ۾ اهڙا ماڻھو به آھن جيڪي شھر يا ٻھراڙين ۾ رهن ٿا اهي روز ڪمائي گذر سفر ڪندا آھن، هارپو ۽ مزدوري ڪندا آھن، ڪو مسڪين مزدوري ڪري ايندو آھي، تڏھن ان جي گهر جي چلھھ ٻرندي آھي،اهي جهڙي تهڙي حال ۾ پاڻ ڪمائي کائيندا آھن ٻئي اڳيان هٿ ٽنگڻ کي عيب سمجهندا آھن انھن جو اِهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ بدلائي ڇڏين. اَباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم، سا محل جي ماڙيءَ سان هرگز نه مٽينديس.اھڙي طرح جي ڪن غريبن پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري آھي، ڪي سٺين پوسٽن تي آھن کي وري به ڊگريون هٿن ۾ کنيو پيا گهمن انهن پڙھيل لکيل ماڻھن مان ڪي کي نوڪريون نه ملڻ ڪري چريا ٿي ويا ڪري ديوارين تي لکندا ۽ پنا ميڙيندا،

ڪو ننڍو ڪاروباري ڪو وڏو ڪاروباري اهو طبقو گهڻي ڀاڱي پڙھيل لکيل آھي،انهن جي روزاني جي ڪاروبار جي بنياد تي آمدني به ٺيڪ ٺاڪ هوندي آھي،پر موجوده عالمي وبا ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري اهي سمورا ماڻھو پريشان حال آھن، جيڪو جيترو وڏو ڪاروباري آھي اهو اوترو وڌيڪ پريشان ڏسڻ ۾ پيو اچي ايئن به ناهي ته هو بک تي آھن، پر لاڪ ڊائون ۾ ڪاروبار بند هجڻ ڪري پريشان آھن مالوند، مزدر ، مڇير ، گداگر سڀ جو سڀ پريشان آھن،لاڪ ڊائون سبب مال پڙيون بند آھن جنهن ڪري هي ڀاڳيا به ويچارا ڪو ڍور کپائي نه سگهيا آھن اهي عيدالفطر تي پنهنجي گهرڀاتين کي نوان ڪپڙا ڪيئن وٺي ڏيندا?

ٻيو! مهاڻا جن جو گذر سفر مڇي تي هوندو آھي ، لاڪ ڊائون جي ڪري، مڇي مارڪيٽون به بند رهيون، ته پوءِ اهي ويچارا مهاڻا به عيدالفطر تي نوان ڪپڙا يا ٻي خريداري ڪيئن ڪري سگهندا?

جيڪي پينو فقير آھن روزاني هر دڪان تان روپيو روپيو خيرات وٺي پيٽ گذرڪندا هيا اهي به لاڪ ڊائون سبب دڪان بند هجڻ ڪري ڄڻ ته بيروزگار ٿي ويا آھن، اهي به پنهنجي گهر ڀاتين کي عيد خريداري ڪيئن ڪرائي سگهندا?!مزدور طبقو لاڪ ڊائون جي ڪري يڪو بيروزگار ٿيو آھي، اهي به هن عيدالفطر تي پريشان حال آھن،هونئن اها حڪومت جي زميواري آھي، ته بيروزگارن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري پر اسان وٽ ڄڻ ته چرٻٽ راجا واري نگري آھي، ح

ڪومت مان آسرو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي، ان ڪري جيڪي غريب مسڪين آھن، پنهنجي ٻارڙن کي عيد تي نوان لٽا ناهن وٺي ڏئي سگهيا جيڪڏهن هر پاڻ ڀرو ماڻھو پنهنجي ڪنهن پاڙي واري کي ڪپڙا وٺي ڏي يا عيد جو سيڌو سامان وٺي ڏئي ته ڪافي ويچارا پنهنجن ٻچن سان گڏ عيد ڪرائي سگھندا!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.