ڪامريڊ حسن عسڪري: ڪاواساڪي جي سوار جو انقلاب سان عشق

تحرير: مختيار راھو

جاپان جي ٺاھيل ڪاواساڪي موٽرسائيڪل جي ھن ملڪ ۾ اچڻ بابت اھو خيال به رھيو ته ھي موٽر سائيڪل پنھنجي وقت کان اڳ ھتي وارد ٿي آھي جو نه ته ھتي اھڙا روڊ رستا ٺھيل آھن نه ئي وري اھڙي موٽر سائيڪل ھلائڻ لاءِ  اھڙي جولاني رکندڙ جوان ڊرائيور پيدا ٿيا آھن.

جڏھن اھڙي مست گھوڙي جي سواري ھڪ اھڙو جوان ڪري جنھن جي ھڪ ٽنگ تي پوليو جي اثر سبب گھڻي ڪمزور ھجي ۽ اھو ئي ھڪ ڄنگھھ کان اھڙي عارضي ۾ مبتلا شخص ڪاواساڪي کي ماري مڃائي اھو ھو ڪامريڊ حسن عسڪري ھو.

مون کيس ڪاواساڪي موٽرسائيڪل ھلائيندي ڪونه ڏٺو پر مون سندس 1988 جي ماڊل مھراڻ ڪار ۾ ساڻس سفر ضرور ڪيو. ھڪ ھٿ ۾ سگريٽ ۽ ٻئي ھٿ ۾  گولي وارو لائٽر، ڪچھري ۽ گاڏي ھلائڻ شروع ڄڻڪ اتر آمريڪا جو ڪاؤ بواءِ پنھنجي گھوڙي تي سوار لڳندو ھو.سندس جسم جي ان ڪمزوري کيس سندس تيز ڊوڙڻ واري تحت الشعور ۾ ويٺل خواھش کيس ائين ئي اسپيڊ ۽ ولاسٽي سان تعلق ٺاھڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ساڻس ويٺل سڄن ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويندو ھو. ڪيترو نه عجيب آھي جو ڪاواساڪي جو اھو لقب ته ھو widow maker يا ونين کان ور کسيندڙ آھي يا ھن ملڪ ۾ وقت کان اڳ وارد ٿي آھي ٻئي ڏند ڪٿائون انقلاب ۽ مارڪسزم لاءِ  به چيون وينديون آهن.

پنجاب جي ڌرتي تان سنڌ وطن آيل ھي شخص ھتي اھڙو جڙيو جو ھتان جو ئي ٿي ويو. سڄي ملڪ جي مظلوم دوست سياسي جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو، سانگھڙ شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ ادب سياست ڪچھري جو محور رھيو.ان لوھي گھوڙي سوار سيد جو عشق انقلاب سان اھڙو لڳو جو ھن ان ڪٺن راھ جو راھي ٿيو جنھن تي تتي ٿڌي ۾ اسان پيا ڪاھيندا اچون جو مثال بڻجي ويو. ھن زماني جي رفتار سان ھلڻ بجاءِ جيئن لڪ لڳي تئين رڪ ٿيا ھو ماڻھو وھ جو ڍڪ ٿيا مصداق ھارين نارين ۽ پورھتين سان جي جوڙي ويٺو ۽ دنيا جي انقلابن جي ڪايا پلٽ بعد به ان ئي عشق جي گواھي تي قائم رھيو.

کاٻي ڌر جي گھڻن نوجوانن کان وڌيڪ جوان ھو ۽ ھر سياسي ڪارڪن سان سڌي ريت ملي وٺندو ھو حال احوال وٺندو ھو، خبرون پچارون پڇندو ھو. پنھنجي تجربن ۽ تلخ ڳالھين باوجود ھن جو انقلاب سان لڳاءُ اھڙو ھو جو ان کي لڳندو ھو ته سندس آخري تعلق ان ئي قبيلي سان آھي جيڪو انقلاب سان جڙت رکي ٿو.

ٻين مرڪزي اڳواڻن جي بنسبت مون کيس وڌيڪ عوامي رنگ ۾ ڏٺو.

ھي سياسي ڪم ۾ سخت موقف رکڻ ۾ ڪڏھن به ڪونه ڪيٻائيندو ھو منھن تي چئي ڏيندو ھو، جنھن ھڪ انقلاب جي عشق کي عمر ڏني ھجي اھو اھڙو ئي آزاد منش ھوندو آھي.

مائٽن پاران سنڌ ۾ ڪليم ۾ مليل زمين کي کيڙڻ لاءِ  موڪيل ھي مانجھي مڙس موڪلائڻ وقت سنڌ جي مظلوم دوست سياست ۾ پنھنجي حصي پتي جي ڪيلم ۾ پنھنجي سڄي عمر جو حصو ڳنڍي ويل آھي.

ايڪھتر سالن جي ڄمار ۾ تيز رفتار سوار جي حيثيت ۾ ئي ھلندو رھيو. سندس وڇوڙو بھ اھڙو ئي تيز رفتار ٿيو فقط ھڪ مھينو اڳ ئي سندس ڪينسر جي بيماري جي خبر پئي ۽ ھڪ مھيني ۾ ئي پاڻ موڪلاڻي ڪري ويو. اھا تيز رفتار جنھن جو پاڻ سدائين سوار رھيو شايد ان ئي رفتار کي قائم رکندي وڇڙي ويو. ان تيز رفتار سوار کي سويت يونين جھڙي اجگر جي ڊھي پوڻ به روڪي نه سگهيو ھو پنھنجي رمز ۾ رمندو ئي رھيو.

مون کي پوري پڪ ھئي تھ جنھن شخص ڪاواساڪي کي ڪن کان جھلي ان مٿان لوڏو ڏئي  سواري ڪئي ۽ ساڳي ڪار پنھنجي اٺاسي ماڊل جي مھراڻ ڪار سان ڪيائين جو ٽي چار  ڪلٽيون کائڻ بعد بھ ھي پنجھٺ ورھين جي پيٽي ٽپيل ھي جنگ جوان ڪنھن اسپورٽس ڊرائيور وانگر ڪپڙا ڇنڊي نڪري آيو. سندس چڪنا چور ٿيل ڪار جي ڪنڊ ۾ ڦاٿل ڳاڙھو ڪتاب سندس ان عشق جي سلامتي جو گواھ آهي.  مون ائين ئي سمجهيو ته ڪينسر کي شڪست ڏيڻ ۾ به ايئن ئي سندس ڏائي ھٿ جو کيل ھوندو پر ائين نه ٿي سگهيو.

سويت يونين کي ختم ٿئي اڄ تقريبن ٽيھھ سال گذري ويا آهن ۽ ڪيترو نه عجيب آهي جو ڪاواساڪي موٽرسائيڪل کي ھن ملڪ ۾ بند ٿئي به لڳ ڀڳ ايترو ئي عرصو ٿيو آھي، سويت يونين جو ملڪ ۽ جاپان جي ھي گاڏي گھڻ ماڻھن لاءِ  اڄ بھ ناسٽيلجيا آھي.پر ھن مڙس ٻنھي کان موڪلائي نئين گاڏي مھراڻ ۾ سوار ٿيو پر تبديلي ۽ تيز رفتاريءَ جي انقلاب سان سندس عشق قائم ئي رھيو. ان کان نئين گاڏي کان  به ھن پراڻي عشق جي رستي جو گھرجائو ئي رھيو جيڪو کيس ثابت ڪري پيو ته ھو پيدائشي روليشنري رائيڊر ( Revolutionary Rider) ھو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.