شڪارپور ضلعي ۾ چوٽ چڙھيل اغوا جون وارداتون

تحرير: ماروي ڪريم ٻپڙ 

ماضي ۾ جنرل ضياءُ جي مارشل لا ۾ ھيروئن ۽  دهشت گردي ڪلاشنڪوف سان گڏ  اغوا براءِ تاوان جو ڌنڌو بھ سندس ڏنل عذابن مان هڪ هو ،  مقامي وڏيرن، نوابن ، سردارن،  چڱن مڙسن ۽ پوليس اندر موجود ڪارين رڍن ان ڏوھھ جي آباد ڪاري ڪئي جنهن جا نقصان سنڌي قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آھي ،

سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان ۾ جتي هندو واپاري ، ڊاڪٽر ، ڪامورو ، مڊل ڪلاس ، ملازمت پيشھ ماڻھو شڪار آھن اتي  غريب هاري ،  مزدور،  شاگرد بھ ان عذان کان آجا نھ رهيا اتي ساڳئي وقت سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان جون اهڙيون هاءِ پروفائيل وارداتن سان گڏ ننڍيون وارداتون اخبارن جون سرخيون بڻجنديون اچن ٿيون.

سڄي سنڌ جون ھن وقت جيڪي حالتون آهن اھي ڪنهن به طرح اطمينان بخش نه آهن. ڪشمور کان ويندي ڪراچي تائين سڄي سنڌ کي ھٿ کان وٺي رھندو سول حڪومتن  ڌاڙيل ڪلچر جي وڙ چاڙهي ڇڏيو  آ، جيڪا اقتدار پارٽي جي سراسر نالائقي ۽ نااھلي چئجي ته به غلط نه ھوندو ھن وقت سڄي سنڌ ھر طرف کان انصاف لاِ واجھائي ۽ پاڏائي رهي آ ته قانون جي رٽ يعني پاسداري اڻٽر ۽ اشد ضرورت آهي.

ورھاڱي کان اڳ واري شڪارپور به ايتري مھذھب ۽ پر امن ھئي جو شيخ اياز  لکيو آهي ته اڪثر چانڊوڪي راتين ۾ ھندو نوجوان عورتون ولر ڪري اڌ رات جو سنڌ واھ ۾ وھنجڻ وينديون ھيون ته ڪپڙا ڪناري تي رکي اڪيليون سڄي سڄي رات بنا مردن جي سڪون سان وھنجنديون ھيون ته ڪنهن مرد کي طاقت نه ھئي جو رات جو سنڌ واھ جي طرف وڃي سگهي ڇو ته رات عورتن لاءِ ڏينهن مردن لاءِ مقرر ھوندو ھو“.

اھو شڪارپور اڄ سڄي سنڌ نه پر بلڪ سڄي ملڪ ۾ بدامني جي باهه ۾ چوٽ تي چڙھيل ضلعو ٿي چڪو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ سردار رھن ٿا جنهن سبب ذاتي قبيلائي جھڙن کان وٺي لاقانونيت چوري ڌاڙا جڳھڙا توري ڪارو ڪاري ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن. خانپور شھر مان اغوا ٿيل 04 ڄڻا جن کي 13 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃان گھرن ڏانهن واپس ڪون وريا جنهن جي صدمي سڄي شھر جي ھر گهر ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي قانون صرف نالي ماتر رھيو آهي.

اڄ ان خانپور جون مائريون ڀينرون ڪوڪندي دانھيندي نظر اچن ٿيون پر ڪو آفيسر ، تڪ جو جونڍيل نمائيندو ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناھي جيڪا تمام گهڻي افسوس ۽ شرم جھڙي  ڳالهه آهي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.