پاڪ سعودي لاڳاپن ۾ آيل بھتري 

تحرير: خدا بخش بروھي 

پاڪستاني وزير اعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عھد شھزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وچ ۾ معاھدا ٿيا آھن، تجزيا نگار ھن ملاقات کي ماضي جي خدشن جو خاتمو ۽ اڳتي جي لاڳاپن کي بحال ٿيڻ لاءِ مثبت قدم قرار ڏيئي رھيا آھن. پاڪستان کي سعوديھ کان ھميشھ اھا شڪايت رھي آھي تھ ھو ھڪ مسلمان ملڪ ھجڻ جي باوجود  واپاري يا اقتصادي حوالي سان پاڪستاني کان وڌيڪ  سندس حريف ملڪ  يعني انڊيا کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم تي چپ جو روزو رکي ويٺو آھي، سعودي ان لالچ ۾ آھي تھ ان کي ھڪ تھ انڊيا جي منڊي مان وڏي لاڀ ملي ٿي ٻئي پاسي انڊيا بھ سعودي جي تيل جي وڏن خريدارن ۾ شامل آھي ان کان علاوھ سعودي ھڪ سني مسلمان ھجڻ جي ناتي اھو موقعو قطعي ڏيڻ جي موڊ نھ آھي تھ ڪٿي ايئن نھ ٿئي جو انڊيا جي شيعا ملڪ  ايران سان تيل سميت ٻين اقتصادي شعبن ۾ وڌيڪ  سيڙپڪاري شروع ٿئي ۽ سندس حريف ايران کانئس  گوءِ کڻي وڃي جنھن سان ايران کي فائدو ٿئي ان مفاد ماڻڻ واري جنگ ۾ پاڪستان کي سعودي لاڳيتو ناراض ڪندو رھيو آھي پر  اتي پاڪستان بھ ان سڄي مسئلي کي افھام تفھيم جي طور طريقن سان حل ڪرڻ تي قائم رھيو آھي.

پاڪستان ھڪ وڏي عرصي کان ان ڪوششن ۾ رھيو آھي تھ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ خدشن کي دور ڪجي اتي باھمي ھم آھنگي واري صورتحال پيدا ڪجي خاص ڪري پاڪستان کي جتي انڊيا سان ڪشمير مسئلي جي حل جي وڏي ڳڻتي  آھي اتي  ايران ۽ سعودي وچ ۾ ٺاھ تي بھ زور ڏيندو رھيو آھي اتي شام ۾ ھلندڙ اندروني ويڙھ ۽ عراقي، فلسطيني مسئلو ڇونھ ھجي پر ھن وقت سعودي ايران لاڳاپا بحال ٿيڻ ۾ حوثي باغي وڏي رنڊڪ آھن انھن کي ايران جي سپورٽ آھي جنھن سعودي عرب کي سخت ڪاوڙايو  آھي اتي ھن پاڪستان کي يمن جنگ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي ھئي پر پاڪستان ان کي ٻيو افغانستان سمجھي نيوٽرل رھيو ۽  ان کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر  اھو مسئلو تڏھن ختم ٿيندو جڏھن حوثي باغي پيس لائن تي ھليا ويندا ۽  ايران بھ انھن جي سپورٽ بند ڪندو، ڏٺو وڃي تھ  ھن وقت سعودي ۾ ڪجھھ تبديلي ڏسجي ٿي ان جو وڏو ڪارڻ ھي آھي  تھ جيڪي امريڪي پابنديون  ماضي ۾  ايران تي    لڳيون ھيون ان ۾ سعودي جي رضا مندي بھ ھئي ٻئي پاسي  امريڪي  پاليسي اھا  بھ ھئي تھ ايران ڪڏھن بھ ايٽمي طاقت نھ بنجي جيڪڏھن بڻيو تھ  اھو اسرائيلي  مفادن کي نقصان جو سبب ٿي سگھي ٿو  اتي سعودي بھ ايران مان خطرو محسوس ڪري ٿو جڏھن ھاڻ بائيڊن صدر ٿيو ھن ايران ڏي ڪجھھ نرمي ڪئي آھي اھو مسئلو سعودي کي تڪليف ڏيندڙ لڳي ٿو، ساڳي وقت چائنا پاڪستان جي اقتصادي ڪاريڊور بھ امريڪا لاءِ مسئلو ھو جنھن تي سعودي تي اھو دٻاءُ امريڪا پاران موجود ھو تھ چائنا ۽ پاڪستان وچ ۾ معاھدن تي اثر انداز ٿي ڪنھن طريقي  سان پاڪستان کي قائل ڪري تھ اھي منصوبا رڪجي وڃن اتي سعودي ڪيتري ڪوشش ڪئي اھا پنھنجي جاءِ تي پر پاڪستان اھو قطعي نھ چاھيندو،

بھرحال سعودي پاڪستان جو ماضي ۾ سٺو مدد گار رھيو آھي ٻئي پاسي ھر وقت  پاڪستاني عسڪري خدمت بھ کيس ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان  ملي آھي ان ڪري ھو قطعي  پاڪستان مان ھٿ ڪڍڻ جي ڪڏھن موڊ ۾ نھ رھيو  پر سعودي پاڪستان جي لاڳاپا ۾ خرابي ان وقت  شروع ٿي جڏھن سعودي عرب ڪشمير تي او آئي سي اجلاس ڪوٺائڻ تان ھٿ کنيو، جنھن تي ان وقت جي پرڏيھي وزير شاھ محمد قريشي سعودي کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو جڏھن تھ متحدھ عرب عمارات او آئي سي اجلاس گھرايو تھ ان ۾ ڀارتي پرڏيھي وزير سشما سوراج کي دعوت ڏني وئي عرب ملڪن جي اھڙي رويي تي  اتي بھ شاھ محمد قريشي پرڏيھي وزير جي حيثيت ۾ بائيڪاٽ ڪيو، پر جڏھن ملائيشيا ۾ ترڪي، ايران، انڊونيشيا،بنگلھ ديش جي تعاون سان او آءِ سي اسلامي بلاڪ جو اجلاس ٿيو پئي پاڪستان شموليت جو اعلان ڪيو اتي سعودي شرڪت نھ پئي ڪئي اتي پاڪستان شموليت جو اعلان ڪرڻ باوجود سعودي جو ڀرم رکي اعلان واپس وٺي ڇڏيو.

سعودي جو پاڪستان کان  ڪاوڙ جو وڏو سبب  ايران ۽ سعودي اختلافن جي وچ ۾ شروع ٿيل يمني حوثين واري جنگ ۾ شامل نھ ٿيڻ آھي، اھا فرمائش  پوري نھ ڪرڻ تي سعودي پاڪستان تي سخت ڪاوڙجي پيو ھن ٽن سالن جي وقت ۾ واپسي واري قرضي معاھدي تي ڏنل پئسا وقت اڳ  جلد واپس ڪرڻ جي گھر ڪئي  اھا ڳالھھ پاڪستان کي بھ ڪاوڙائي ڇڏيو پر تنھن ھوندي پاڪستان  اھو قرض چائنا جي مدد سان  سعوديھ کي ٻھ قسطون ڪري گذريل ڊسمبر ۾ ڏيئي پورو ڪيو، ھڪ اسلامي ملڪ ھجڻ ۽ ڪعبتھ اللھ روضھ رسول جي خدمت عيوض تقريبن مسلمان  سعودي ملڪ تي ساھ ڇڏين ٿا اتي ايران، قطر ۽ ڪجھ ملڪن جو سعودي سان اھڙا سٺا تعلقات ناھن  پر ان ھوندي  بھ  پاڪستان ۽ سعودي  جا لاڳاپا ڪنھن حد تائين   سٺا رھيا آھن ڏسجي تھ  پاڪستان جو موقف پنھنجي جاءِ تي صحيح ھو پر سعودي کي ان وقت ڪشمير کان وڌيڪ  انڊيا جي منڊي نظر پئي آئي، پر ھاڻ سعودي ٿوري موٽ کاڌي آھي  ان تي  تجزيا نگارن جو خيال آھي تھ امريڪي صدر ٽرمپ جي وڃڻ کان پوءِ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان پاڻ کي بائيڊن سرڪار پاران نظر انداز ٿيندي ڏسي رھيو آھي ھو سمجھي ٿو تھ ھن کي جمال  خاشقجي واري  قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي کيس بائيڊن حڪومت ڦاسائي سگھي ٿي تنھنڪري ھو ھاڻ ان ڪوشش ۾ آھي تھ  پاڻ تي لڳل الزامن کي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جو سھارو وٺي ترڪي،  ايران  امريڪا سان پنھنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪري ڇوتھ  موجودھ صدر جوبائيڊن جي  ايران سان  جوھري معاھدي جي حوالي سان نرمي بھ سعودي کي  پريشان ڪيو آھي وري ٻئي پاسي  چار سو ارب ڊالرن جي  چائنا،  ايران واري اقتصادي معاھدي بھ سعودي عرب کي ان کان وڌيڪ پريشان  ڪيو آھي جن مسئلن  سعودي سرڪار کي ماضي جي طريقن ۾ تبديلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي، رپورٽون آھن  تھ عمران خان سعوديھ کي چائنا ڪاريڊور ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آھي ۽ سعودي،  ايران  لاڳاپن جي بحالي جي بھ حام ڀري آھي  ساڳي وقت افغانستان مان امريڪي ۽ نيٽو فوجون نڪري رھيون آھن  اتي  نئين تعمير جي ڪمن ۾ سعودي حصو وٺڻ چاھي ٿو جنھن ڪري کيس پاڪستاني روٽ ۽ مدد جي ضرورت پئجي سگھي ٿي ان تي بھ کيس يقين ڏياريو ويو آھي ، بھرحال وزيراعظم جي ٽيم ۾ آرمي چيف  قمر جاويد  باجوا موجود آھي تنھنڪري دفاعي حوالي سان بھ ڳالھيون ٿيون عمران خان  کي جيڪا ھميشھ شڪايت رھي آھي تھ سعودي  ۾ پاڪستاني پورھيت تڪليف جو منھن ڏسي رھيا آھن انھن سان سٺو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي جيڪا ڳالھ ھن پنھنجي تقرير ۾ ڪئي ان تي ولي عھد کيس يقين ڏياريو تھ سعودي ۾  ھر ممڪن  پاڪستاني ملازمن جو خيال ڪيو ويندو ۽ اھو  معاھدو  ٿيو آھي، ايندڙ ڏھن سالن ۾ سعودي کي ھڪ ڪروڙ ڪم ڪندڙ ماڻھن جي ضرورت ھوندي ان ورڪ فورس جو وڏو حصو پاڪستان کان ورتو ويندو ٻئي پاسي پاڪستاني اختيارين چيو آھي تھ سعودي ڊولپمينٽ فنڊ مان مليل موجودھ  50 ڪروڙ ڊالر انفرا اسٽرڪچر، پاڻي جي وسيلن ۽ ھائڊرو منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا، ميڊيا سان ڳالھائيندي شاھ محمد قريشي چيو تھ عمران خان ۽ شھزادي محمد بن سلمان جي وچ ۾ ڪافي شين تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ افغان امن مسئلو، پاڪ سعودي سپريم ڪوآرڊينيٽ ڪائونسل بحال ڪري ان  تحت 5 معاھدن تي صحيحون ٿيون ان ۾  منشيات کي روڪڻ ڪيميائي عنصرن جي روڪڻ، قيدين جي مٽا سٽا، واپاري لاڳاپا وڌائڻ ۽ فوجي ۽ دفاعي سھڪار تي اطمينان جو اظھار ڪيو ويو آھي، ڪشمير مسئـلي تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ او آءِ سي اجلاس تي ڳالھيون ٿيون جڏھن تھ  شھزادي پاڪستان جي دعوت قبولي ورتي ان ڪري سعودي عملدار عيد کان پوءِ پاڪستان ايندا جائزو وٺندا،تنھن کان پوء شھزادو ولي عھد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز بھ پنھنجي وفد سان گڏ پاڪستان ايندو،  ان سڄي مسئلي کي ڏسجي تھ انھن معاھدن سان ھڪ دفعو وري سعوديھ ۽ پاڪستان لاڳاپا مضبوط ٿيندا جيڪو ٻنھي ملڪن جي فائدي ۾ آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.