نيب اختيارن جو غلط استعمال نھ ڪري

تحرير: سدا حيات جلباڻي

اھا  نندڻ جھڙي ڳالھھ آھي تـ نيشنل اڪائونٽ ابيليٽي بيورو (نيب) ايڏو ھيٺ ڪرِي پيو آھي جو سنڌ حڪومت  کي خط لکي گهُر ڪئي اٿس تـ سنڌ ٻھراڙي جي آفيسرن بابت تفصيل مھيا ڪيا وڃن. ھتي اُٿندي ئي اھو سوال ڪري سگهجي ٿو تـ نيب وارا ٿيندا ڪير آھن جو اھي تفصيل گهرن؟ صرف ٻھراڙي سان لاڳاپو رکندڙ آفيسرن جا تفصيل گهرڻ مان پڌرو ٿو ٿئي تـ نيب ۽ وفاقي سرڪار پاڻ ۾ ٻِٽ آھن، جنھن جو سربراھ عل الاعلان  چوندو رھي ٿو تـ “سنڌ اسان جو صوبو نـ آھي.“

اڱاري ڏينھن (يارنھن مئي) سنڌ ڪابينا نيب پاران حڪومت کي خط لکي گريڊ ھڪ کان ٻاويھين گريڊ تائين جي ملازمن جا ڊوميسائيل وائيز تفصيل گهرڻ  واري عمل جي مذمت ڪئي آھي. ڪابينا جو چوڻ آھي تـ اھو خط  مٿي وارن جي ھُشي ۽ چرچ تي لکيو ويو آھي. ضروري آھي تـ خط  بابت پوري تحقيقات ٿيڻ کپي. اھا سنڌ حڪومت جي ڪم ۾ اجائي مداخلت آھي. سوچ لائق ڳالھھ آھي تـ اھڙا تفصيل صوبي خيبر پختون خواھـ ۽ پنجاب جي آفيسرن متعلق ڇو نـ ٿا گهرايا وڃن جتي ڪرپشن جي سطح ايڏي وڌي ويل آھي جو  وزيراعظم جي معرفت سعودي عرب جھڙي ملڪ کان پني سني خيراتي چانور گهرايا ٿا وڃن.سنڌ حڪومت، نيب جو خط غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو آھي ۽ گهر ڪئي وئي آھي تـ  نيب چيئرمين نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي. سنڌ سرڪار چيو آھي تھ سرڪاري ملازمن بابت نيب جي خط جو سوشل ميڊيا ذريعي پتو پيو، نيب کي نوڪرين، مقررين ۽ بدلين ۾ مداخلت جوڪو اختيار ناهي.  ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وھاب ۽  سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاھھ صحت واري پارليماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر سرڪاري ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ بابت نيب جَي خط جو سوشل ميڊيا ذريعي پتو پيو، بعد ۾ تفصيلن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نيب کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتين، بدلين ۽ مقررين بابت جاچ جو ڪوبه اختيار ناهي، نيب جي علمدار اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي خط لکيو آهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پڪ اٿئون ته خط بابت نيب چيئرمين کي اڳواٽ آگاهه نه ڪيو ويو، نيب چيئرمين نوٽيس وٺي ۽ جاچ ڪرائي ته ڪهڙي عملدار کيس ڄاڻ ڏيڻ بنا خط لکيو؟ اھو نيب جي سربراھ سان غداري برابر عمل آھي. نيب وارا ٿيندا ڪير آھن جو سنڌ جي ٻھراڙي وارن آفيسرن بابت تفصيل گهرن؟

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.