عيد يا رمضان جو فيصلو ڪرڻ ڪنهن حڪومتي شخصيت لاءِ مناسب ناهي: نور الحق قادري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته عيد يا رمضان جو فيصلو ڪرڻ ڪنهن وزير يا حڪومتي شخصيت لاءِ مناسب ناهي.

هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فيصلي کان پهرين اهم ديني ۽ شرعي حڪم جو فيصلو ڏيڻ ديني تعليم جي مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، هن چيو ته ان ڪم جي لاءِ حڪومت جا چونڊيل عالم ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندگي موجود آهي ۽ ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ڪنهن حڪومتي شخصيت يا وزير جو ڪم ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.