عيد الفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس شروع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عيد الفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي.

عيد الفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير جي سربراهي ۾ شروع ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ زونل ۽ ضلعي هلال ڪميٽي جا اجلاس به پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل ماڳن تي ٿي رهيا آهن، جيڪي چنڊ جي شهادتن جي حوالي سان ملندڙ شهادتن بابت مرڪزي ڪميٽي کي آگاهه ڪندا.

ٻئي پاسي پشاور ۾ مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ عالمن تي ٻڌل مقامي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس به جامع مسجد قاسم علي خان ۾ جاري آهي جنهن ۾ چنڊ جي شهادتن جي بنياد تي خميس 13 مئي تي عيد الفطر ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.