ريئل مي جو انٽري ليول فون سي 20 اي متعارف

ريئل مي پنهنجي سي سيريز جو نئون انٽري ليول اسمارٽ فون سي 20 اي متعارف ڪرايو آهي.

ريئل مي سي 20 اي ۾ 6.5 انچن جو ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ پينل کي ريئل مي جيوميٽرڪ آرٽ ڊيزائن جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ چوڪور ڪيمرا آءِ لينڊ موجود آهي پر حيرت جوڳي طور تي رڳو هڪ ئي ڪيمرا موجود آهي.

هي بيڪ ڪيمرا 8 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ هڪ ايل اي ڊي فليش موجود آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 35 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ريئل مي يو آءِ سان ڪئي وئي آهي.

سي 20 اي ۾ 2 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 256 جي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

هي فون 5000 ايم اي ايڇ جي بيٽري سان ليس آهي جنهن سان گڏ 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود آهي جڏهن ته ريورس وائرس چارجنگ جو فيچر موجود آهي.

هي فون 2 رنگن آئرن گري ۽ ليڪ بليو ۾ موجود هوندو ۽ هن کي سڀ کان پهرين بنگلاديش ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

هن فون جي قيمت 105 ڊالر (لڳ ڀڳ 15 هزار رپيا پاڪستاني) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.