”وزير اعظم سعودي عرب جي دوري مان چانورن جي ٿيلهين کان سواءِ ڇا حاصل ڪيو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم جي سعودي عرب جي دوري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سعودي عرب جي دوري سان وزير اعظم چانورن جي 19 هزار ٿيلهين کان سواءِ ڪهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي وزير اعظم جي سعودي عرب جي دوري جي خرچن جي ڀيٽ ڪئي وڃي، خرچن جي زڪوات جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ چانورن جي ٿيلهين جي قيمت سان ڀيٽ ڪئي وڃي.

هن چيو ته عمران خان جي 22 سالن جي جدوجهد ايٽمي ملڪ کي زڪوات جا چانورن جي لائق بڻائڻ لاءِ هئي؟ دعا آهي ته خدا ڪنهن کي اهڙي جدوجهد جي توفيق نه ڏئي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کان عوام حساب وٺندو، وزير اعظم صاحب! نوٽيس وٺي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ واري توهان جي دعويٰ بي نقاب ٿي چڪي، وزير اعظم کي خبر ئي ناهي ته هو تبديلي جي سونامي سان قيامت برپا ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.