پاڪستان ۾ ڪورونا وبا سبب فوتگين جو انگ 19 هزار کان ٽپي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ خطرناڪ وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 113 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ سڄي ۾ ڪورونا جون 38883 ٽيسٽون ڪيون ويون جهن مان 3084 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 113 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.93 سيڪڙو رهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 19 هزار کان ٽپي هاڻ 19106 تي پهتو آهي جڏهن ته ڪل ڪيسن جو انگ 8 لک 64557 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 78959 آهي ۽ هن وقت تائين ڪورونا سبب 7 لک 66492 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.