نيب جو شهباز شريف جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

نيب لاهور مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيب جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم اپيل داخل ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا قدم آئين ۽ قانون موجب ڪنهن به دٻاءَ کي  قبول ڪرڻ کان سواءِ کنيا ويندا آهن.

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو هو ۽ پوءِ عدالت کيس 8 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃن جي اجازت ڏني پر لاهور ايئرپورٽ تي روانگيءَ جي موقعي تي اميگريشن اختيارين شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.