ڪورونا وائرس: سنڌ حڪومت جو روزاني هڪ لک ماڻهن جي ويڪسينيشن جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت روزاني هڪ لک ماڻهن جي ڪورونا جي ويڪسينيشن جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪووويڊ جي پهرين لهر ۾ 11 جون 2020ع تي سڀ کان وڌيڪ 3038 ڪيس هئا، ڪوويڊ جي ٻي لهر ۾ 10 ڊسمبر 2020 تي سڀ کان وڌيڪ 1983 ڪيس ريڪارڊ ٿيا، 29 اپريل 2021ع تي ڪوويڊ جي ٽين لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ 1064 ڪيس رپورٽ ٿيا.

لاڪ ڊائون تي عمل جي حوالي سان ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي تي لڳ ڀڳ لاڪ ڊائون هو، برآمدات سان سلهاڙيل صنعتي يونٽ عيد جي موڪلن ۾ به ڪم ڪندا رهندا.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن 3 مئي کان 9 مئي تائين ڪيسن جي ڊيٽا ڏٺي وڃي ته ڪراچي ۾ 9.48 سيڪڙو ڪيس اچن پيا، حيدرآباد ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 11.81 ۽ سکر ۾ 5.92 سيڪڙو آهي جڏهن ته صوب ي جي ٻين ضلعن ۾ اِها شرح 3.92 سيڪڙو آهي، ڪالهه ڪورونا سبب 16 فوتگيون ٿيون، واپارين ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون جو هن صورتحال ۾ سهڪار پيا ڪن، هي فيصلو ته ڏکيو هو پر عوام جي تحفظ لاءِ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.