حڪومت جو حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي نئين سِر جاچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي نئين سِر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ان حوالي سان سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سِر شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني پئي وڃي، حديبيه جو ڪيس شريف خاندان جي ڪرپشن جو سڀ کان اهم حصو آهي، ان ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ نواز شريف مرڪزي جوابدار جي حيثيت رکن ٿا.

هن چيو ته جيڪو طريقو حديبيه ۾ پيسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ ٿيو انهيءَ کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ بي حد اهم آهي.

فواد چوڌري چيو ته اڄ وزير اعظم کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن تي تفيصلي بريفنگ ڏني، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سِر جاچ جو گهرجائو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.