سعودي جي مدد سان ڏکين حالتن مان نڪتاسين، هاڻ روشن مستقبل نظر پيو اچي: عمران خان

جده(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات اسان جي مدد نه ڪن ها ته اڄ پاڪستان پوئتي هجي ها، ڏکئي وقت مان نڪري چڪا آهيو هاڻ روشن مستقبل نظر پيو اچي.

جده ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب ۾ پاڪستان ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب جي پاڪستاني ڪميونٽي کي گهڻي عرصي کان سڃاڻان ٿو، ڏيڍ سال کان اطلاع پئي مليا ته هتي موجود سمنڊ اوورسيز پاڪستانين کي سفارتخانو درست خدمتون فراهم نه پيو ڪري پر هاڻ ان مسئلي جي حل قدم کنيا ويا آهن.

هن چيو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جا نتيجا اسان جي سوچ کان وڌي آڏو آيا، 90 لک پاڪستانين کي ڪنهن به طرح ملڪ جو اثاثو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

وزير اعظم چيو ته سعودي عرب اسان جي لاءِ اهم آهي، سعودي عرب ڏکئي وقت ۾ پاڪستان کي سپورٽ ڪيو، سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي جي جدوجهد جاري آهي، رڳو اُهو معاشرو اڳتي ويندو آهي جتي قانون جي حڪمراني هجي، جيڪي ملڪ خوشحال هئا اُتي قانون جي حڪمراني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.