وزير اعظم جي عوام دشمن سوچ سبب ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ وزير اعظم جي عوام دشمن سوچ جي ڪري معاشي لحاظ سان تباهه ٿي چڪو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾  واڌ تي پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ 30 سيڪڙو واڌ سان ساڍا اٺ ڪروڙ پاڪستاني غربت جي ليڪي تي بيٺا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ روزاني 15 کان 20 ڄڻا آپگهات ڪري حياتون پيا ختم ڪن، پاڪستان ۾ دوائون سئو سيڪڙو کان مهانگيون ٿي چڪيون آهن ۽ عريب جو حال ڏسڻ وارو ڪير ڪونهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان عام ماڻهو جي کيسي مان 90 ارب رپين کان وڌيڪ پيسا ڪڍڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جي اگهن ۾واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته عيد کان پوءِ صنعتي شعبي مان 20 سيڪڙو ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ واري خدشي حقيقي صورت اختيار ڪيو ته حالتون اڃا خراب ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.