پي آءِ اي کي هلندڙ سال شروعاتي ٽن مهينن ۾ ساڍا 7 ارب کان وڌيڪ جو خسارو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي)  کي هلندڙ سال جي شروعاتي 3 مهينن ۾ ساڍا 7 ارب رپين کان وڌيڪ جو خسارو ٿيو.

پي آءِ اي طرفان 31 مارچ 2021ع تي ختم ٿيندڙ ٽه ماهي مالياتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سالن جي شروعاتي ٽن مهينن دوران پي آءِ اي کي 7 ارب 51 ڪروڙ رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا ايئر لائنز ۽ ايوي ايشن صنعت کي ٻي عالمي جنگ ۽ نائن اليون کان به وڌيڪ نقصان رسايو آهي.

رپورٽ موجب پي آءِ اي اي ڪلاس شيئر تي 1 رپيو 44 پيسا ۽ بي ڪلاس تي 72 پيسا في شيئر خسارو ٿيو، پي آءِ اي جو گڏيل ريونيو 15 ارب 50 ڪروڙ رپي رهيو جڏهن ته پي آءِ اي جا خرچ 19 ارب 10 ڪروڙ رپيا رهيا.

پي آءِ اي طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايئر لائن جو آپريشنل نقصان 5 ارب 41 ڪروڙ رپيا رهيو جڏهن ته رپئي جي قدر ۾ بهتري سان پي آءِ اي کي 4 ارب 14 ڪروڙ رپين جو فائدو ٿيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وياج ۽ قرضن جي مد ۾ پي آءِ اي 6 ارب 24 ڪروڙ رپين جو ادائيگيون ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.