قمر زمان ۽ چوڌري منظور سميت پ پ سينٽرل پنجاب جا عهديدار مستعفي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنجاب جي صوبائي عهديدارن ويڊيو لنڪ اجلاس ۾ پ پ پ سينٽرل پنجاب جي عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ترجمان موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پنجاب جي صوبائي عهديدارن جو ويڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پ پ پ سينٽرل پنجاب جو صدر قمر زمان ڪائره، جنرل سيڪريٽري چوڌري منظور ۽ سڌُ سماءَ وارو سيڪريٽري حسن مرتضيٰ شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ سياسي صورتحال تي خاص ڪري پيپلز پارٽي پنجاب جي تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي پ پ پ سينٽرل پنجاب جي عهديدارن ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ نون عهديدارن جي مقرري جي سلسلي ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره، جنرل سيڪريٽري چوڌري منظور ۽ سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري حسن مرتضيٰ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.

پ پ ترجمان موجب اجلاس ۾ عهديدارن جو چوڻ هو ته اسان جي مقرري کي 3 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اسان جي خواهش آهي ته سينٽرل پنجاب ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ سينٽرل پنجاب جي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ هنن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.