پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 120 فوتگيون، 4109 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگيون جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 120 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائي  موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 48103 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4109 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 120 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.54 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 18797 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 54240 تائين پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.