شهباز شريف کي روڪي شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي عمل ڪيو: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف کي روڪي شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي عمل ڪيو.

لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته بليڪ لسٽ جي قانوني حيثيت ناهي، شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري جا بيان اچي رهيا هئا ته عدالتي حڪم نٿا مڃون، ان ڪري شهزاد اڪبر عمران صاحب جي حڪم تي عملدرآمد ڪيو.

هن چيو ته حڪومت جي ترجيح شهباز شريف ۽ سياسي مخالف آهن، جڏهن ننڍا ماڻهو وڏن عهدن تي ايندا آهن ته ائين ئي ٿيندو آهي پر گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، عوام هن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هن کي مسلم ليگ ن جي گڏ ٿيڻ خوف آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڇا شهباز شريف کي روڪڻ سان عوام جون ختم ٿي وينديون، هو اڄ نه ته ٻن ڏينهن کان پوءِ هليو ويندو، اهڙي حرڪت ڪري حڪومت ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.