حڪومت طرفان شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ واري معاملي تي چيو ته بليڪ لسٽ ۾ نالو وجهڻ يا ڪڍڻ ڊي جي ايف آءِ اي جو اختيار آهي ۽ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي ڪا به درخواست ڊي جي آءِ اي کي ناهي ڏني وئي.

هن چيو ته رڳو زباني ڳالهين تي ريڪارڊ ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهجي.

هن چيو ته شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي چيو ته حڪومت ان فيصلي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.