شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ  کان روڪيو ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو.

ميڊيا جي رپورٽن موجب اميگريشن اختيارين مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي لاهور ايئر پورٽ تي روڪي ورتو.

شهباز شريف لاهور ايئر پورٽ کان قطر روانو ٿي رهيو هو جتي هن کي طبي معائني لاءِ لنڊن وڃڻو هو پر ايئرپورٽ تي اميگريشن اختيارين هن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

اختيارين شهباز شريف سان مڪالمو ڪيو ته اسان جي سسٽم ۾ توهان اڃا تائين بليڪ لسٽ ۾ آهيون ان تي شهباز شريف چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آهي، ون ٽائيم ٽريويل جي اجازت ڏني آهي.

ان موقعي تي شهباز شريف اميگريشن اختيارين کي عدالت جا حڪم به ڏيکاريا ۽ عطا تارڙ اختيارين کي عدالتي حڪم نامو پڙهي به ٻڌايو.

اميگريشن طرفان پرڏيهه روانگي جي اجازت نه ڏيڻ تي شهباز شريف واپس گهر روانو ٿي ويو هو.

شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ وارو سبب لکت ۾ ٻڌائن ۾ مطالبو ڪيو هو جنهن تي اختيارين هن کي آف لوڊ ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو.

آف لوڊ فارم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهباز شريف جي حوالي سان سسٽم اڃا اپ ڊيٽ ناهي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.