حڪومت تعليمي ادارن جي موڪلن ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح وڌڻ تي تعليمي ادارن جي موڪلن وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.

منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي غور ڪيو ويو. اين سي او سي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڌندڙ مثبت ڪيسن جي ڪري تعليمي ادارن جي موڪلن ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي.

پهرين تعليمي ادارا 17 مئي تي بند ڪيا ويا هئا پر هاڻ 23 مئي تي بند رهندا. تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ بابت اجلاس 8 مئي تي ٿيندي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.