مدئجي ڀرسان مال جي ڀيل تان جهيڙو، ڌنار زخمي

مدئجي(رپورٽر) مدئجي ويجهو ڪچي واري علائقي ڊرگھپور ۾ مال چارڻ تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هٿيارن  جا بٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان ڌنار روشن پٽ ٻڍل جوڻيجو زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو جتي کيس فوري طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو,ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ موجود زخمي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان مال چاري رهيو هو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪري کيس زخمي ڪيو اسان جي پهچڻ تي جوابدار هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا,هوڏانهن خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.