ڄامشوري مان ڳوٺاڻو پراسرار نموني 4 مهينن کان گم

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڀرسان شورا ڳوٺ جو رهواسي 45  ورهين جو اڌڙوٽ همراھ غلام نبي ولد غلام رسول بليدي گذريل 4 مهينن کان گم آهي, سندس جي ڳولا لاء سندس جا وارث سخت پريشان آهن. ان حوالي سان گم ٿيل همراھ غلام نبي بليدي جي ننڍي ڀاءُ غلام مصطفي’ بليدي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تي پهچي ٻڌايو آهي ته سندس جو وڏو ڀاءُ غلام نبي بليدي جيڪو نشي جو عادي پڻ آهي گذريل 4 مهينا اڳ حيدرآباد جي علائقي ٽاور مارڪيٽ مان گم ٿي ويو آهي جنهن جي چار مهينن کان حيدرآباد, ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ ڳولا باوجود ھٿ نه اچي سگھيو آھي اھڙو اطلاع سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي چيڪ پوسٽ تي ڏيندي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي پر اڃان تائين ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي,  هن ٻڌايو آهي ته سندس ڀاءُ کي چار نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي جيڪي والد جي گمشدگي جي ڪري سخت پريشان آهن، هن اپيل ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندن جي گهر مان بي چيني ۽ پريشان ختم ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.