مقصودي رند جي ايس ايڇ او فريادي جو ڪيس وٺڻ بدران جرڳو ڪري ڇڏيو

مقصودو رند(ن ع آ) سنڌ ۾ پوليس عملدار قانون موجب ڪيس داخل ڪري عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادار ڪرڻ بجاءِ پنهنجون  عدالتون ۽ پنهنجا قانون جوڙي سماج کي پوئتي وٺي وڃي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ واقعو سانگهڙ ڀرسان مقصودي رند واري علائقي ۾ ٿيو، جنهن مطابق درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس عوامي مسئلا حل ڪرڻ بجائي جرڳا ڪرائڻ ۾ مصروف ھڪ مھينو اڳ ڳوٺ جعفر خان پنڃارو ۾ باھ متاثر پورھيت محمد عرس پنڃارو جي پوليس ايف.آئي.آر ڪٽڻ بجائي جرڳو ڪرائي پوليس ڏوھي ڌر مٿان 80 ھزار جو ڏنڊ وجھي معاملي کي ٽاري ڇڏيو خبر موجب مقصودو رند لڳ ڳوٺ جعفر خان پنڃارو ۾ ھڪ مھينو بااثر پاران پورھيت محمد عرس پنڃارو جو گھر ساڙڻ واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ بعد درياء خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس جي ايس.ايڇ.او اشرف زرداري باھ متاثر محمد عرس پنڃارو کي ٿاڻي تي گھرائي بااثر خلاف ايف.آئي.آر ڪٽڻ بجائي بااثر مٿان 80 ھزار رپيا ڏنڊ وڌو ۽ پورھيت محمد عرس پنڃارو کي چيو ته ڏنڊ جا پئسا وڃي درگاھ سخي سلطان فقير لاشاري تان کڻ ۽ تنھنجي ايف.آئي.آر ڪونه ٿا ڪيون اھڙي طرح پوليس بااثر مٿان 80 ھزار ڏنڊ وجھي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.