فريد آباد ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

فريدآباد (ن ع آ)فريدآباد ڀرسان وارھ تعلقي جي حمل ٿاڻي جي حد ۾ هڪ مهينو اڳ هٿياربندن هٿان مبينا طور قتل ٿيل قربان سولنگي جي قتل کي حمل پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، نوجوان جي قتل ۾ ملوث  جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اٻوڄھ ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري لکين روپيه رشوت وٺڻ جو سلسلو جاري، پوليس جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺ دري ماڇي جي رهواسين عورتن، مردن، گل بيبي خاتون، ڀاڱل خاتون، امتيازيه سولنگي، عالمه خاتون، صفوران سولنگي مردن محمد سراج سولنگي، اسد الله سولنگي، الاهي بخش سولنگي، مير جان سولنگي، غلام نبي، بگن خان، نوح خان سولنگي قرآن پاڪ کڻي حمل پوليس ۽ بااثر وڏيري  جي ظلمن خلاف پريس ڪلب فريدآباد احتجاج ڪندر دانهندي چيو ته پوليس روز بااثر جي هٿياربندن سان گڏ گهرن ۾ داخل ٿي 60 ڍور کاهي وڃي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيا آهن جنهن جا 50 هزار رشوت گهري رهي آهي جيڪو سراسر ظلم آهي،  هنن چيو ته بااثر وڏيرو نوجوان جي قتل ۾ پاڻ ملوث آهي، پنهنجي جان ڇڏائڻ دوران سوين ڳوٺاڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪرائي پيو، گرفتار ٿيلن کان لکين روپيه رشوت وٺي بعد ۾ آزاد ڪري پوء ڇڏي پئي، هنن وڌيڪ چيو ته حمل پوليس ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي رات ڏينهن گهرن ۾ داخل پئي ٿئي جنهن دوران ڪيتريون ئي پيرسن عورتون بيمار ٿي پيون آهن، هنن وزيراعظم عمران خان، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ مشتاق احمد مهر، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته فورن نوٽيس وٺي بااثر وڏيري  ۽ حمل پوليس خلاف ايڪشن کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.