لکي ۾ عدالتي ڇاپو، ڊرائيور آزاد

لکي غلام شاھ (ت ر) سول جج لکي غلام شاھ  فياض احمد ميتلو ڳوٺاڻي غلام مصطفىٰ پهوڙ جي درخواست تي لکي جي جهان خان  چوڪي تي عدالتي ڇاپو هڻي ناحق بند ٽريڪٽر ڊرائيور عبدالرحمان پهوڙ کي ٽريڪٽر سميت هٿ ڪري ٿڏي تي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ چو ڪي انچارج کي  رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم, درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته انچارج جهان خان ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ ٽريڪٽر جو 50 هزار رشوت گهري رهيو آھي .هوڏانهن جهان خان چوڪي انچارج عمران علي ککراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن دودو ڳوٺ ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي کي پويان ڪار لڳڻ سبب ڪار جو نقصان ٿيو هو،ڪار ۾ سوار ماڻھن جي شڪايت تي ٽريڪٽر ڊرائيور کي چوڪي تي ويهاري ڇڏيو هو. انهن کان ڪار وارا 5 لک نقصان جا پئساگهري رهيا هئا ،ان ۾ پوليس جو ڪو به ڏوھ ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.