سنڌ يونيورسٽي ملازمن کي واڌو پگهار نه ملي، احتجاج

ڄامشورو (ڊ ر)سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي 1 کان 16 گريڊ جي ملازمن کي سالياني ملندڙ ليو انڪيشمينٽ ( واڌو پگهار ) نه ملي سگهي آهي  جنهن سبب ملازمن گذريل ڏينهن کان 24 ڪلاڪ اي سي ٽو اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم, احتجاج جو نوٽيس نه وٺڻ تي ملازمن پاران وڌيڪ 24 ڪلاڪ ڪئمپ قائم رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي ملازمن جي تنظيم سيوا جي اڳواڻن صدر محمد علي گهانگهرو, جنرل سيڪريٽري ذولفقار رستماڻي, احمد علي ڪنڀار, امداد کوسو, سهراب برفت خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ مان منظور ٿيل سالياني ليو انڪيشمينٽ لاء گذريل يارنهن ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن يونيورسٽي انتظاميا توڙي حڪومتي ادارا ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهن جنهن سبب ملازمن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي, هنن چيو ته جنهن ليو انڪيشمينٽ کي وي سي صديق ڪلهوڙو غير قانوني چئي رهيو آهي ساڳي ئي ليو انڪيشمينٽ هو پاڻ به ڪيترن ئي سالن کان کڻندو پيو اچي هن سال هو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ بعد ان کي غير قانوني چئي رهيو آهي جيڪا انتهائي افسوس جي ڳالھ آهي, هنن چيو ته ليو انڪيشمينٽ اسان جو قانوني حق آهي جنهن جي حاصلات تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.