بحريا ٽائون جو قديمي ڳوٺن تي ٻيهر حملو، فائرنگ، 4 زخمي

بحريا ٽائون انتظاميه ڌرتي ڌڻين جي زمين تي قبضي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،

بحريا ٽائون انتظاميه هڪ ڀيرو ٻيهر ڳري مشينري ۽ ھٿيار بند سيڪيورٽي اهلڪار ساڻ ڪري ڳوٺ ڪمال خان جوکيو تي چڙھائي  ڪري زوري قبضي جي ڪوشش ڪئي جنهن جي خلاف سوين ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ انتظاميه تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي بحريا ٽائون انتظاميا سڌي فائرنگ ڪري چئن ڳوٺاڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو ۽ گاڏي ۾ويهاري گڏاپ پوليس اسٽيشن پهچايو جتي ڳوٺاڻن گڏاپ پوليس اسٽيشن جو گهراءُ ڪري زخمين کي آزاد ڪرائي جناح اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي جان شير جوکيو ۽ شوڪت خاصخيلي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي انڊيجينيس رائيٽس الائينس  جي اڳواڻ  حفيظ بلوچ چيو   ته پنجن سالن کان اسان سان زيادتي ٿي رهي آهي پر هن سال  بحريا ٽائون جي ڪارروائي تيز ٿي وئي آهي

انڊيجينيس رائيٽس الائينس جي باني يوسف مستي خان چيو ته  بحريا ٽائون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ھن چيو ته بحريا ٽائون جو وجود پ پ جي هڪ سگهاري مک اڳواڻ  ۽ ملڪ رياض گڏجي رکيو، جنهن جي شروعات قديمي ڳوٺن تي والار سان ڪئي وئي جنھن خلاف اسان گذريل 6 سالن کان جدوجهد ڪري رھيا آھيون

تاريخدان گل حسن ڪلمتي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عيد کانپوءِ ڳوٺن تي والار خلاف اي پي سي ڪوٺائي حڪمت عملي جوڙي ويندي ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.