پي ٽي آءِ سنڌ جو پاڻي روڪي ڪراچي کي سزا ڏئي پئي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ جو پاڻي روڪي پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي کي سزا پئي ڏئي، پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ڪيو.

هن چيو ته حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي.

پ پ چيئرمين جهلم لنڪ ڪينال کي فوري طور بند ڪرڻ به مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ غير قانوني تونسه پنجند لنڪ ڪينال کي بند ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.