اوپو جو نئون 5 جي فون ڪي 9 متعارف

اوپو پنهنجو نئون 5 جي اسمارٽ فون ڪي 9 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

چين ۾ هڪ ايونٽ دوران ڪمپني طرفان هڪ اسمارٽ ٽي وي، ٽي ڊبليو ايس ايئر فونز ۽ فٽنس بينڊ سان گڏ هن فون کي پيش ڪيو ويو.

اوپو جي 9 فائيو جي ۾ اسنيپ ڊراگون 768 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 11.1 سان ڪئي وئي آهي.

فون جي اندر 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج موجود آهي.

ڪمپني موجب ڪي 9 فائيو جي ۾ ٿري ڊي ليڪوئيڊ ڪولنگ سسٽم ڊيوائس جي ڪارڪردگي کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 6.43 انچن جو فل ايڇ ڊي پلس اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل آهي.

هي ڊيوائس 4300 ايم اي ايڇ بيٽري سان ليس آهي جڏهن سان گڏ يو ايس بي سي پورٽ جي ذريعي 65 واٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا ان سيٽ اپ جو حصو آهي.

ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ، 360 سرائونڊ انٽينا، ڊوئل موڊ 5 جي ذڪر جوڳا آهن.

هي فون 2 رنگن ۾ موجود هوندو جنهن جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 1999 يوآن (47 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

اهڙيءَ طرح 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 2199 يوآن (52 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.