وبائي مرض بابت آگاهي جو عالمي مرڪز جرمني ۾ قائم ڪرڻ جو اعلان

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري اعلان ڪيو آهي ته اڀرندڙ وبائي مرضن جي خطرن جو وقت کان اڳ پتو لڳائڻ لاءِ جرمني ۾ هڪ نئون مرڪز قائم ڪيو ويندو.

اطلاعن موجب وبائي مرضن بابت ڊبليو ايڇ او جو اهو مرڪز ”هب فار پينڊمڪ اينڊ ايپيڊمڪ انٽيليجنس“ هن سال سيپٽمبر مهيني کان برلن ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪندو.

صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته اهو مرڪز دنيا ۾ وبائي خطرن جي اڳڪٿي، انهن جي روڪٿام، ان لاءِ تياري، ڳولا ۽ ان جي ازالي لاءِ تيزي سان ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ جو ڪم ڪندو.

اهو ادارو عالمي سطح تي ٻين ملڪن ۽ سائنسي ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندو، گڏوگڏ موجوده نظام جي ڀيٽ ۾ وبائي مرضن جي اشارن ۽ علامتن جو گهڻو اڳ پتو لڳائي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.