آرمي چيف سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي عرب ۾ سول ۽ عسڪري اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

آرمي چيف جي سعودي عرب پهچڻ تي سعودي اختيارين سميت پاڪستاني سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سندس آجيان ڪيئ.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي 7 مئي تي سعودي عرب جو 3 ڏينهن جو دورو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.