نوابشاهه:اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث گروهه جا 3 ڏوهاري گرفتار ، هٿيار هٿ

نوابشاهه شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث گروهه جا ٽي ڄڻا نوابشاهه پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي،  ان سلسلي ۾ اي سي پي سٽي ظفر صديق پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو جي ھدايتن تي نوابشاهه پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ۽ جدوجھد کانپوءِ نوابشاهه شهر ۾ مختلف ھنڌن تان ڦرون ڪندڙ ٽن جوابدارن محمد شيراز، اسفند علي ۽ بابر عرف گلريز کي گرفتار ڪري وٽائن ڦر ڪيل 16 موبائلون، ھڪ موٽرسائيڪل ۽ 25 ھزار کان مٿي ڦر ٿيل روڪ رقم ھٿ ڪئي آھي، جڏھن ته جوابدارن وٽان ٽي پسٽل به ھٿ ڪيا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن تي اي سيڪشن، بي سيڪشن ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي تي 10 ھن کان وڌيڪ ڦرن ۽ چورين جا ڪيس داخل ٿيل آھن، ھن چيو ته ھن گروهه ۾ شفيع بروھي ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار به آھي پر اھي گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، انھيءَ موقعي ايس ايڇ او رشيد ميمڻ، ملڪ رياض، ثناء الله پنهور، محمد مٺل سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.