قمبر:حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏهاڙي تي ماتمي جلوس

قمبر ۾ حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، شهر جي انجمن حر حسيني جي اڳواڻ سيد مجاهد حسين شاھ بخاري ،غازي شاهه جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيا ويا،  مرڪزي امام بارگاهه حسيني تان سيد ذوالفقار علي شاھ، علي خان محلي مان سيد بگن شاھ جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيا ويا، جيڪي قمبر شهر جي مختلف روڊ رستن کان ٿيندو شهداء چونڪ تي پھتا جتي مومنن  سينا زني ۽ زنجيرن جو ماتم ڪري امام علي عليه السلام سان محبت جو اظهار ڪيو جتي مجلس پڻ برپا ڪئي وئي جنهن کي مولوي محمد علي شر سيد قلب حسين شاھ خطاب ڪيو،،،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.