ڏوڪري: صحافي جي اوطاق مان قيمتي سامان چوري، قلم ڌڻين جو احتجاج

 

ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري  اطهر سنديلي جي اوطاق مان اڻڄاتل قيمتي سامان چوري ڪري ويا.

ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ اڻڄاتل چور صحافي اطهر سنديلي جي  اوطاق مان سولر پليٽ، بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جو اطلاع آريجا ٿاڻي تي ڏيڻ بعد پوليس نفري نه هجڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪري واپس هليو ويو.

هوڏانهن واقعي خلاف ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين ايم رمضان جوڻيجي، قاضي آفتاب، اسد ٻگهيي، ياسر منگي، فدا حسين ابڙي، قاضي ڪفايت الله، ديدار سومري، علي اصغر ميمڻ، امداد ٻگهيي، قاضي فريد، شهاب الدين جتوئي، قاضي سهيل، فيصل رضا ابڙي، اطهر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيو ته ڪجهه وقت اڳ به اطهر سنديلي جي گهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، آريجا ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو پر پوليس ڪو قدم نه پئي کڻي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.