سي پيڪ کي دنيا جي ڪا طاقت نٿو روڪي سگهي: عاصم سليم باجوا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين ليفٽيينٽ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا چيو آهي ته يقين آهي سي پيڪ کي دنيا جي ڪا طاقت نٿي روڪي سگهي.

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي عاصم سليم باجوا چيو ته اسان جي چين سان آزمايل لاڳاپا آهن، ويسٽرن روٽ تي چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ ٽن سالن ۾ سمورا روٽ فعال ٿي ويندا.

ڳالهه ٻولهه دوران هن چاليهه سالن کان پاڪستان تي مڙهيل جنگ ۽ جنگ کانپوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ملڪي تعمير ۽ ترقي جي عزم جو به اظهار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته راهداري منصوبي جي اولهه روٽس جي بحالي سان غربت جو خاتمو ٿيندو پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪي افرادي قوت جي تربيت ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.