ميهڙ: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل

ميھڙ ۾ فريدآباد روڊ تي قاضي عارف لڳ نامعلوم ھٿيار بندن فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل سوار 50 ورهين جي غلام عباس چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته 40 ورهين جو ذوالفقار مير جت زخمي ٿي پيو،اطلاع ملڻ تي ميھڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقا اسپتال ميھڙ پھچايو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد زخمي کي لاڙڪاڻو نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سھي رستي تي ئي فوت ٿي ويو واقعي بعد چانڊيا برادري جا سوين ماڻھون تعلقا اسپتال ميھڙ پھچي ويا ، جتي فوتي غلام عباس چانڊيو جي فرزند حافظ جاويد چانڊيو صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته هنن سان وڏو ظلم ٿيو آھي، سندس پيء ۽ ان جي دوست کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.