مورو:ڳوٺ عبدالغفور ٻگهئي جي رهواسين جون پوليس خلاف دانهون

مورو ڀرسان ڳوٺ عبدالغفور ٻگھئي جي رهواسي عورتن پاران پوليس جي زيادتين خلاف دانهون ڪيون ويون ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن منظور ٻگھيو،مسمات سميرا ٻگھيو،سمينا ٻگھيو ميڊيا کي روئيندي ٻڌايو ته رات دير سان مورو پوليس سندن گهرن ۾ ڌاڙيلن جيان ڪاھ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گھر ۾ بيٺل چار مينھون،اٺ ٻڪريون،۽ ٻيو الھ تلھ ٻھاري وئي آھي،متاثر عورتن دانهون ڪندي چيو ته مورو پوليس اسان سان وڏي ناانصافي ظلم ۽ زيادتي ڪئي آھي، هنن الزام هنيو ته پوليس اهلڪارن کين بندوق جي زور تي زبردستي دوستي رکڻ ۽ چانھ پيارڻ لاءِ زور ڀريو ۽ اسان سان ظلم جي انتھا ڪئي آھي،هنن  سنڌ حڪومت، چيف جسٽس ھائي ڪورٽ ،آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي بينظير آباد ،ايس ايس نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انهن کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.