ڀرياسٽي: يوم شهادت حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جي سلسلي ۾جلوس

ڀريا سٽي ۾يوم شهادت حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه جي سلسلي ۾ سوين عزادارن پاران ايس او پيز تحت زوار شڪيل احمد ميمڻ، محمد ابراهيم ميمڻ، منظور احمد جوڻيجو ، عجيب ڪلهوڙو، سيد اصغر علي شاهه ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امام بارگاهه المعصومين کان ماتمي جلوس برپا ڪيو ويو. جلوس ۾ سوين عزادارن پاران سينا زني ڪئي وئي،  شهر جي مختلف امام بارگاهن امام بارگاهه ابوطالب، امام بارگاهه سيد لونگ ، امام بارگاهه سيد پريل شاهه، مرڪزي امام بارگاهه، امام بارگاهه دربتول، جوڳين جو پڙ، سيد موٽيل شاهه پڙ، جوڻيجا پڙ سميت ڪيترن ئي امام بارگاهن تان جلوس ٿيندا المعصومين تي نهر ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.