لعلو رائنڪ: نصيرآباد روڊ تي حادثو،2 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

لعلو رائنڪ لڳ وڳڻ  باء پاس نصيرآباد روڊ تي مگسي پمپ ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر لڳڻ جي نتيجي م ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ معصوم نينگري  سميت ٻن عورتن جون ٽنگون  پڻ ڀڄي پيون، قمبر جا رهواسي نصيرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته  وڳڻ باء پاس تي حادثو پيش آيو،زخمين ۾ غلام نبي چانڊيو، منظوران خاتون، زڪيا خاتون، آسيا بي بي، معصوم عمران علي شامل آهن، زخمين کي وڳڻ اسپتال پهچايو ويو بعد م انهن کي لاڙڪاڻو ايمرجنسي منتقل ڪيو ويو ،هوڏانهن وڳڻ ٿاڻي تي نامعلوم ڪار ڊرائيور مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.