اسلام ڪوٽ:غريب پورهيت جي پٽ جون ٽنگون سُڪي ويون، واهر جي اپيل

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ موهڻ واهي جي رهواسي بشير لنجي جي چئن ورهين جي معصوم نينگر اسداللّه کوسو جون بيماري سبب ٽنگون سُڪي ويون ،ڪافي علاج ڪرائڻ باوجود ڪو فائدو نه ٿيڻ ڪري غريب پورهيت معذور پُٽ کي هنج ۾ کڻي پريس ڪلب پهتو،صحافين آڏو دانهيندي بشير لنجو جو چوڻ هو ته سندس پُٽ جون ٽنگون سُڪي ويون آهن،ڪافي خرچ ڪري ڊاڪٽرن کان علاج به ڪرايو پر فائدو نه ٿو ٿئي،ڊاڪٽر چون ٿا پوليو ناهي،باقي نينگر جو اسلام آباد ۾ آپريشن ٿيندو جنهن جو خرچ ٽي لک ايندو،وٽن ايترا پئسا ناهن،هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته غريب پورهيت آهي سندس ننڍڙي جو علاج ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.