پرائيويٽ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي وارو نوٽيفڪيشن چيلينج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ويو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.

پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن اسلام آباد جي پرائيويٽ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي واري نوٽيفڪيشن کي شيرين عمران ايڊووڪيٽ جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

رجسٽرار آفيس فيسن خلاف ڪيس کي سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. تعليم واري وزارت ڪورونا جي ڪري اپريل، مئي جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.