ملڪ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين هنئي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪورونا ويڪسينيشن جو روز جي بنياد تي انگ ڏيڍ لک کان وڌي ويو.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اين سي او سي سربراهه اسد عمر ٻڌايو ته ڪالهه پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن ۾ ويڪسين لڳائڻ جو انگ ڏيڍ لک کان وڌيڪ هو.

سندس چوڻ هو ته ڪالهه هڪ لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي، ڪالهه پهريون ڀيرو 40 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.