ڪراچي: شريف آباد ۾ عورت پروفيسر جو قاتل گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شريف آباد ۾ گذريل مهيني ڦر دوران عورت پروفيسر کي قتل ۽ سندس مڙس کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس 21 اپريل تي شريف آباد ۾ عورت پروفيسر نسرين نگهت زال محمد عرفان جي قتل ۾ ملوث جوابدار شاهد الرحمان پٽ سيف الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو.

پروفيسر نسرين پنهنجي پٽ جي شادي جي سلسلي ۾ خريداري ۾ مصروف هئي ته ڦر دوران فائرنگ ڪري جوابدار کيس قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته سندس پٽ پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.