سڪرنڊ: ناصري پوليس جي ڪارروائي،سوين ليٽر شراب هٿ،جوابدار گرفتار

سڪرنڊ لڳ ناصري پوليس ڪارروائي ڪري سوين ليٽر شراب هٿ ڪري هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو،ايس ايس پي شھيد بينظير آباد جي خصوصي هدايتن تي سڪرنڊ لڳ ڊي ايس پي ارباب خان سومرو ۽ ايس ايڇ او ناصري ٿاڻو غلام اصغر ڏهر جي اڳواڻي ۾ منشيات فروش اصغر لاکو خلاف خفيا اطلاع تي سندس زرعي زمين اڌڙي تي چڙھائي ڪري بٺي تي ڇاپو هڻي سوين ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو جڏهن ته بٺي تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ الھورايو لاکو جي رهواسي ھڪ جوابدار وريل عرف ورو ولد لال بخش لاکو کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته اصغر لاکو سميت ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ،ان موقعي تي ايس ايڇ اوناصري اصغر ڏهر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايس ايس پي جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.